تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نوابشاهه اي ٽي سي ۾ چوٽياريون واقعي بابت ڪيس جي ٻڌڻي 27 فيبروري تائين ملتوي

- Advertisement -
نوابشاهه جي عدالت چوٽياريون سانحي ڪيس جي ٻڌڻي 27 فيبروري تائين ملتوي ڪندي ڪيس ۾ نامزد سيف الله جوڻيجو ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او جي ڪچي ضمانت منظور ڪندي پڪي ضمانت لاءِ 24 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾ چوٽياريون سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پوليس گرفتار جوابدارن محمد شريف، اوڀايو راڄڙ، صدام حسين، احمد راڄڙ، خان راڄڙ، صادق جتوئي، گاجي راڄڙ، اميد علي ۽ محمد علي جتوئي کي عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار محمد علي جتوئي کان واقعي ۾ استعمال ٿيل ڪلاشنڪوف، اميد علي کان رپيٽر، اوڀايو راڄڙ ۽ صدام راڄڙ کان پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان اڳ چوٽياريون ڪيس ۾ نامزد جوابدار سيف الله جوڻيجو ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او غلام محمد سھتو جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڪچي ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت ضمانت پڪي ڪرڻ لاءِ 24فيبروي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران وڪيل الطاف جوڻيجو جوابدار سيف الله جوڻيجو پاران ۽ وڪيل ممتاز لغاري جوابدار غلام محمد سھتو پاران عدالت ۾ دليل ڏنا. چوٽياريون سانحي ۾ 3 ڄڻا قتل ۽ 20 زخمي ٿي پيا هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
24 %
1.1kmh
0 %
سُومر
22 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون