- Advertisement -
سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم جي احتجاج جي دوران پوليس تي تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
واقعي جو صدر ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو ، پوليس موجب ڪيس ۾ دهشتگردي سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته 400 کان وڌيڪ ماڻهن ڏنڊن ۽ پٿرن سان پوليس ٽيم تي حملو ڪيو ۽ پوليس جي گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا.
ڪيس ۾ ريلي جي قيادت ڪندڙ اسلم خيرپوري، نياز ڪالاڻي، اسماعيل، عبدالستار، عبدالفتح ٻگهيو ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
