تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچي ۾ ٻن ڌار ڌار رود حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
ڪراچي ۾ ٻن ڌار ڌار رود حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. سپر هاءِ وي ڪاٺوڙ پل ڀرسان ٻن ٽرڪن ۽ هڪ ڪار ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا. ريسڪيو عملي موجب، حيدرآباد کان ڪراچي ايندي هڪ ڪار ڪاٺوڙ ڀرسان خراب ٿي پئي هئي جنهن مال بردار ٽرڪ کان مدد گهري. ٽرڪ رسو ٻڌي ڪار کي اڳتي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر رسو ٽائر ۾ ڦاسي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ڪلٽي ٿي پئي ۽ پويان کان ايندڙ ٽرڪ ڪلٽي ٿيل ڪار ۽ ٽرڪ کي ٽڪر هنيو. ان حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتي جي سڃاڻپ اڃان تائين ناهي ٿي. ٻئي پاسي حب ريور روڊ تي ٽرالر ۽ ڪوسٽر ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس موجب، حب کان ڪراچي ايندڙ ڪوسٽر تيز رفتاري سبب ٽرالر سان پويان ٽڪرائجي ويو  جنهن سبب ڪوسٽر جو اڳيون حصو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. زخمين کي فوري طور تي ايمبولنس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي. پوليس موجب، ٽرالر جو ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿي ويو جڏهن ته حادثي ۾ زخمي ٿيل سمورا ماڻهو حب چوڪي ۾ شادي تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ واپس وڃي رهيا هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
22 %
2.5kmh
96 %
جمعو
26 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون