تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم جي آذر بائيجان جي صدر سان ملاقات، توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

- Advertisement -
پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ واپار ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان ڪيترن ئي معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم شهباز شريف، آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو جي صدارتي صدارتي محل ۾ صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، دفاع، موسمياتي تبديلي ۽ تعليم سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. تقريب ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون به ڪيون ويون. ان موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جا ڪيترائي موقعا دستياب آهن، جڏهن ته اڄ جن منصوبن ڳالهيون ٿيون آهن، انهن کي هڪ مهيني ۾ قطعي شڪل ڏيندا. صدر الهام عليوف هاڻوڪي معاهدن کي ٻنهي ملڪن لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جا گڏيل مفاد وارا منصوبا ٻنهي طرفان عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا، ٻنهي ملڪن ۾ طئي ٿيل معاهدن کي هڪ مهيني ۾ قطعي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته آذر بائيجان پاڪستان ۾ ٻه ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، اپريل مهيني دوران ٻنهي ملڪن ۾ 2 هزار ڊالرن جي معاهدن تي صحيحون ٿينديون، ٻنهي ملڪن ۾ معاشي لاڳاپا مضبوطي طرف وڌي رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته کارا باغ واري مسئلي تي آذر بائيجان جي حمايت جاري رکي ويندي، وچ اوڀر ۾ مستقل امن لاءِ ٻه رياستي حل اڻٽر آهي، غزا جي پٽي سميت سموري فلسطين ۾ مستقل جنگبندي جي ضرورت آهي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر سان ملاقات لاءِ صدارتي محل پهتو. آذربائيجان جي زوولبا محل آمد تي صدر الهام عليوف مک دروازي تي وزيراعظم شهباز شريف جو آڌرڀاءُ ڪيو، ٻنهي اڳواڻن پرجوش هٿ ملايو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو. گارڊ آف آنر دوران ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي باڪو پهتو هو. وزيراعظم شهباز شريف جو باڪو ايئرپورٽ تي آذربائيجان جي پهرين ڊپٽي وزيراعظم ۽ ڊپٽي پرڏيهي وزير پاران آڌرڀاءُ ڪيو ويو هو. ان موقعي تي آذربائيجان جي سفير فرحه دوف ۽ پاڪستاني سفير قاسم محي الدين پڻ موجود هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، مارچ 2024 ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو آذربائيجان جو هي ٻيو دورو آهي. وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ٻيا اهم ڪابينا ميمبر شامل آهن، جيڪو آذربائيجان سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم کي ظاهر ڪري ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
22 %
2.5kmh
96 %
جمعو
26 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون