تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، هو ڪوشش ڪن ته گڏجي سياسي استحڪام آڻي سگهن ٿا : شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، هو ڪوشش ڪن ته گڏجي سياسي استحڪام آڻي سگهن ٿا، پرڏيهه ۾ ويهي يوٽيوبرز پاڪستان مخالف فيڪ نيوز پکيڙي رهيا آهن، غلط خبر ڏيڻ سان ملڪ جو نقصان ٿي سگهي ٿو، فيڪ نيوز ڏيندڙ کي سزا ملڻ گهرجي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڪراچي ۾ روايتي گهنٽ وڄائي ڪاروبار جي شروعات ڪئي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گهنٽ وڄائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج سيڙپڪارن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا، خواهش آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج جي سيڙپڪارن ۾ اضافو ٿئي. سندس چوڻ هو ته ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو ناهي، حفاظتي قدم کنيا ويا آهن، سنڌ حڪومت ڪراچي کي ماڊل سٽي بڻائڻ چاهي ٿي، ڪراچي ۾ بنيادي ڍانچي تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ رڳو پيئڻ جي پاڻي تي هڪ ڏهائي 6 بلين ڊالر سنڌ سرڪار خرچ ڪري رهي آهي، ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اِي وي ٽيڪسي ۽ ٻيا منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، هو چاهن ٿا ته سمورن شعبن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت منصوبا شروع ڪيا وڃن. هن چيو ته هو عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽي ۽ پنڪ هيلميٽ ڏيندا، وزيراعظم به سنڌ جي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ منصوبن کي ساراهيو آهي، ٽرانسپورٽ شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ متعارف ڪرائي رهيا آهن. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سنڌ سرڪار 2 لک سولر پينل فراهم ڪيا، 21 لک گهر ٺاهيا پيا وڃن، جن مان ساڍا ست لک گهر ٺهي چڪا آهن، هر مهيني 50 هزار گهر تيار ٿي رهيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو هائوسنگ پراجيڪٽن ۾ دنيا جو رڪارڊ ٽوڙيندا، گهرن جي تعمير لاءِ هڪ لک ماڻهن کي تربيت فراهم ڪئي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، سڀني کي گڏجي ملڪ ۾ سياسي استحڪام بحال ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڪوشش ڪن ته گڏجي سياسي استحڪام آڻي سگهن ٿا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دنيا ۾ حڪومت ۽ ڪاروباري طبقو گڏجي ڪم ڪندا آهن، هو چاهن ٿا ته حڪومتون ۽ سيڙپڪار گڏجي ڪم ڪن ته جيئن عوام کي سهولتون ملي سگهن. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پرڏيهه ۾ ويهي يوٽيوبرز پاڪستان مخالف فيڪ نيوز پکيڙي رهيا آهن، غلط خبر ڏيڻ سان ملڪ جو نقصان ٿي سگهي ٿو، فيڪ نيوز ڏيندڙ کي سزا ملڻ گهرجي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته منشيات خلاف صدر آصف علي زرداري جون واضح هدايتون ڏنيون آهن، صدر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ پهرين اجلاس ۾ منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون جون هدايتون جاري ڪيون هيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منشيات وڏو چئلينج آهي، پوليس ۽  ايڪسائيز نارڪو ٽڪس ڪنٽرول کارو منشيات خلاف ڪم ڪن ٿا، سڀني کي گڏجي منشيات جهڙي لعنت کي ختم ڪرڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون