- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي دوران جوابدارن جي حوالگي بابت وڪيل جي دليل تي جسٽس محمد علي مظهر سوال اٿاريو ته ڪيس ملٽري ڪورٽ مان دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ٿين ته ٽرائل ڪٿي شروع ٿيندو؟.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سول سائنٽي جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏنا.
سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته سوال اهو ناهي ته 105 جوابدارن جي ملٽري ٽرائل لاءِ سليڪشن ڪيئن ٿي؟، اصل مسئلو اهو آهي ته ڇا قانون ملٽري ٽرائل جي اجازت ڏئي ٿو؟.
جسٽس امين الدين خان چيو ته جوابدارن جي حوالگي رڪارڊ جو معاملو آهي، ڇا اوهان آرمي ايڪٽ جي سيڪشن 94 کي چئلينج ڪيو؟ آهي.
وڪيل فيصل صديقي چيو ته جوابدارن جي حوالگي وقت ڏوهه جو پتو نه لڳايو ويو هو، سيڪشن 94 جي لامحدود صوابديدي اختيار کي به چئلينج ڪيو.
سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته جوابدارن جي ملٽري حوالگي جو فيصلو ڪندڙ آفيسر جا اختيار لامحدود آهن، هن ملڪ ۾ وزيراعظم جو اختيار لامحدود نه آهي، جوابدارن جي حوالگي جي اختيارن جو اسٽريڪچر هئڻ گهرجي.
جسٽس حسن اظهر رضوي سوال ڪيو ته ڇا پوليس جي جاچ گهٽ ۽ ملٽري جي تيز هئي؟، ڇا جوابدارن جي حوالگي وقت مواد موجود هو؟.
سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته مواد جو رڪارڊ تي هئڻ نه هئڻ مسئلو ناهي، سموري جڙ جوابدارن جي حوالگي جو لامحدود اختيار آهي.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن جي حوالگي بابت درخواست رد ڪري سگهي ٿي؟.
وڪيل فيصل صديقي چيو ته عدالت کي جوابدارن جي حوالگي جي درخواست رد ڪرڻ جو اختيار آهي.
جسٽس امين الدين چيو ته اهو دفاع ته جوابدارن طرفان دهشتگردي ٽوڙ عدالت يا اپيل ۾ اختيار ڪري پيو سگهجي.
جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته ڇا عدالت جوابدارن کي نوٽيس ڪرڻ کانسواءِ ڪمانڊنگ آفيسر جي درخواست تي فيصلو ڪري ڇڏيو هو؟.
جسٽس مندوخيل چيو ته سيڪشن 94 انهن جوابدارن تي لاڳو ٿيندو جيڪو آرمي ايڪٽ جي ماتحت آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کانپوءِ جوابدار آرمي ايڪٽ جي ماتحت ٿي ويا، ڪمانڊنگ آفيسر جي درخواست رد به ٿي سگهي پئي.
سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو فيصلو جوابدارن جي حوالگي کان اڳ ٿيڻو هو، جيڪڏهن ڪورٽ مارشل جو فيصلو ناهي ٿيو ته جوابدارن جي حوالي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟.
جسٽس حسن اظهر سوال ڪيو ته ڇا ڪمانڊنگ آفيسر جي درخواست ۾ حوالگي جا سبب ٻڌايا ويا؟.
سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته ڪمانڊنگ آفيسر جي درخواست ۾ ڪوبه سبب بيان ناهي ڪيو ويو.
جسٽس نعيم اختر چيو ته جوابدارن جي حوالگي جي درخواست ۾ سبب ٻڌايا ويا آهن ۽ چيو ويو آهي ته جوابدارن تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جو ڏوهه آهي.
جسٽس مندوخيل رمارڪس ڏنا ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت شڪايتن جي داخل ٿيڻ جو طريقيڪار ضابطه فوجداري ۾ واضح آهي، شڪايت مئجسٽريٽ وٽ ويندي آهي، مئجسٽريٽ بيان رڪارڊ ڪري فيصلو ڪندو آهي ته جاچ ٿيڻ گهرجي يا نه ٿيڻ گهرجي.
وڪيل فيصل صديقي چيو ته درخواست ڪيس جي صورت ۾ به ٿي سگهي ٿي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت درخواست وفاقي حڪومت ئي ڏئي سگهي ٿي، ڪوبه خانگي شخص آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت درخواست نٿو ڏئي سگهي.
جسٽس محمد علي مظهر سوال اٿاريو ته ڪيس ملٽري ڪورٽ مان دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ٿين ته ٽرائل ڪٿي شروع ٿيندو؟.
آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
