- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين جي فوجي امداد روڪي ڇڏي.
وائٽ هائوس جي عهديدار موجب، صدر ٽرمپ واضع ڪيو آهي ته سندس ڌيان امن تي آهي، سندن ڀائيوارن کي به ان مقصد جي لاءِ پرعزم هجڻ جي ضرورت آهي.
وائٽ هائوس عهديدار چيو ته هو پنهنجي امداد کي روڪي رهيا آهن، ۽ ان جو جائزو وٺي رهيا آهن ته جيئن يقيني بڻائي سگهي ته هي ڪنهن حل ۾ حصو وجهي رهيا آهن.
ان کان اڳ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي کي ڌمڪي ڏيندي اشارو ڏنو هو ته جيڪڏهن هن روس سان جنگ بندي معاهدو نه ڪيو ته هو اتي گھڻي دير نه رهي سگھندا.
يوڪرين ۾ جنگ بندي جي حوالي سان ڊيل تي امريڪي صدر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته ڊيل جلد ٿي سگھي ٿي، ان کي ڏکي ڊيل نه ٿيڻ گھرجي، جيڪڏهن ڪو شخص ڊيل ڪرڻ چاهي ٿو ته سندس خيال آهي هو وڌيڪ هتي نٿو رهي سگھي.- Advertisement -
