تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان برطانيه جي نئين ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم جي ملاقات

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه سان برطانيا جي نئين ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير نئين برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي سندس حڪومت پاران مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر وڏي وزير جا سهڪار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جا برطانوي حڪومت ۽ عوام سان پراڻا مضبوط لاڳاپا آهن. وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات ۾ 2022 جي ٻوڏ جي تباهي ۽ بحالي تي بحث ڪيو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ کان پوءِ پهريون چئلينج زراعت جي بحالي هو، سنڌ حڪومت زرعي زمين بحال ڪرائي ٻج ۽ ڀاڻ فراهم ڪري ڪڻڪ جي شاندار فصل حاصل ڪئي. سندس چوڻ هو ته عالمي برادري ۽ عالمي بينڪ جي سهڪار سان ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير تيزي سان جاري آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو موسمياتي تبديلين جو سڀ کان وڌيڪ شڪار رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت زرعي ٽيڪس ۾ 35 کان 45 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، پاڻي جي کوٽ، ڀاڻ ۽ ٻين شين جي مهانگي ٿيڻ ڪري زراعت هاڻي منافعو ڏيندڙ پيشو ناهي رهيو. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي هر شهري سميت اقليتن کي برابري جي بنياد تي حق حاصل آهن، سنڌ کي انتهاپسندي کان پاڪ صوبو هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، سنڌ ۾ دهشتگردي ٻاهران آئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
29 %
2.3kmh
0 %
آچر
22 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون