تازه ترين

آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ آغا سراج دراني عدالت ۾ پيش

- Advertisement -
ڪراچيءَ جي عدالت آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ آغا سراج دراني ۽ ٻين جي بريت بابت درخواستن تي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل طلب ڪري ورتا آهن. احتساب عدالت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران آغا سراج دراني ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي بريت جي درخواستن تي طلب ڪري ورتا. عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 12 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين تي آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ جو الزام آهي. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌوءَ مان ڪينال ڪڍڻ بابت سوال جو جواب ڏيندي آغا سراج دراني چيو ته پارٽي اڄ سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس گهرايو آهي، جلد عوام کي خبر پئجي ويندي. سندس چوڻ هو ته محترمه بينظير ڀٽو سيکاريو آهي ته هميشه ڪيسن کي منهن ڏيو، هنن هميشه ڪيسن کي منهن ڏنو آهي ۽ باعزت بري ٿيا آهن ۽ هاڻي به عدالت ۾ اميد آهي ته باعزت بري ٿيندا. جعفر ايڪسپريس تي حملي بابت سوال جو جواب ڏيندي سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته اهڙن دهشتگرد واقعن کي پاڪ فوج منهن ڏيندي آهي، هو پاڪ آرمي کي سلام پيش ڪن ٿا جيڪا پنهنجي صلاحيتن سان اهڙن واقعن کي ناڪام بڻائيندي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
9 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون