تازه ترين

سکن جي عالمي تنظيم سک فار جسٽس پاران بلوچستان ۾ ٽرين حملي ۾ ڀارت ملوث هئڻ جي دعويٰ

- Advertisement -
آمريڪا ۾ سکن جي عالمي تنظيم سک فار جسٽس بلوچستان ۾ ٽرين حملي ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت جو احتساب نه ڪيو ويو ته ان جو ايندڙ حملو اڃا به وڌيڪ معصوم جانيون وٺي سگهي ٿو. پنهنجي بيان ۾ سک فار جسٽس جي اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون چيو ته بلوچستان ٽرين حملي ۾ ڀارت جي ايجسني را ملوث آهي، عالمي ادارن کي ڀارتي قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت دوول خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڀارت، پاڪستان خلاف ڳجهي جنگي حڪمت عملي جي بليو پرنٽ تي عمل ڪري رهيو آهي، مودي جو ڀارت رڳو علاقائي خطرو ناهي پر اها هڪ مڪمل دهشتگرد حڪومت آهي، مودي سرڪار پرتشدد ۽ عالمي ڏاڍ ۾ رڌل آهي. سک فار جسٽس جي اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون چيو ته بلوچستان ۾ ٽرين تي حملو ڀارت جي جارحاڻي دفاعي نظرئي جو ثبوت آهي، ڀارت ڳجهي دهشتگرد ڪاررواين سان پاڙيسري ملڪن کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پرڏيهي مخالفن جي قتل، انتهاپسندي ۽ سرحد پار دهشتگردي ۾ ملوث آهي. هن چيو ته ڀارت کي رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي جو عالمي مرڪز بڻايو ويو آهي، را جون ڪارروايون ڏکڻ ايشيا کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن ۽ رياستي تشدد جون خطرناڪ عالمي مثال قائم ڪيا پيا وڃن……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
heavy intensity rain
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
49 %
4.6kmh
88 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون