بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ ايف سي قافلي تي دهشتگردن جي حملي ۾ 3 جوان ۽ 2 شهري شهيد

- Advertisement -
بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ ٽن جوانن سميت 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن نوشڪي ضلعي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سڪيورٽي فورسز جا 3 جوان ۽ 2 شهري شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيد جوانن ۾ سرهاڙي واسي حوالدار منظور علي، نصير آباد واسي حوالدار علي بلاول، بدين واسي نائڪ عبدالرحيم، ڪوئيٽا واسي شهري ڊرائيور جلال الدين ۽ خاران جو محمد قوي شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف نوشڪي ۾ بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي وارثن سان ڏک ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. شهباز شريف ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن کي هر ممڪن طبي امداد ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جي بزدلاڻي ڪارروايون دهشتگردي خلاف سندن عزم ڪمزور نٿيون ڪري سگهن..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
30%
1.2m/s
48%
خميس
27 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون