- Advertisement -
اڄ ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد جي ڪجهه علائقن ۾ گذريل رات دير سان برسات پئي، جڏهن ته بنون ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ ڪڪر به وسي پيا.
موسميات کاتي موجب، اڄ اسلام آباد، اپر پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي.
مينهن جي ڪري دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ جو خطرو پڻ آهي.
فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن موجب، سنڌو درياءَ ۾ گڊو ۽ سکر بئراج تي هيٺئين درجي جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته ٻيا درياءَ پنهنجي لاڳاپيل هيڊ ورڪ تي معمول مطابق وهي رهيا آهن..- Advertisement -
