- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سينيٽ جي ريلوي بابت ڪميٽي جي ڪي سي آر لاءِ ڪوششن جي آجيان ڪري ڇڏي.
جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو ڪي سي آر لاءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ سميت عالمي ڀائيوارن سان رابطا جاري آهن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار، وڏي وزير جي قيادت ۾ ڪي سي آر کي هر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪي سي آر کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪندي، منصوبي ۾ پيش ايندڙ رنڊڪن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت مان سهڪار جي اميد آهي.
شرجيل انعا ميمڻ چيو ته سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي پاڪستان ريلويز سان گڏجي اڳڀرائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن چيو ته ڪي سي آر ڪراچي جي اڍائي ڪروڙ شهرين لاءِ اهم ٽرانزٽ سهولت بڻجندي، هو سينيٽ ڪميٽي جي تجويزن جي به آجيان ڪن ٿا، جلد رنڊڪن جي ختم ٿيڻ جي اميد آهي.- Advertisement -
