تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ  سان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ  سان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات ٿي آهي، ملاقات ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات ٿي آهي. ملاقات ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو ۽ اڳتي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٽرانسپورٽ جي سيڪريٽري اسد ضامن ۽ سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو به اجلاس ۾ شريڪ هو. اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي جي لاٽ ون ۽ لاٽ ٽو تحت جاري تعميراتي سرگرمين تي بريفنگ ڏني وئي. ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد طرفان ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبو ڪراچي شهر جي سفري ضرورت جي لاءِ نهايت اهم قرار ڏنو ويو. ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد جو چوڻ هو ته منصوبو معياري ۽ وقت تي مڪمل ٿيڻ جي لاءِ مالي ۽ ٽيڪنيڪي بنيادن تي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ريڊ لائن بي آر ٽي سنڌ حڪومت جو ترجيحي منصوبو آهي جنهن مان لکين شهري روزاني فائدو حاصل ڪندا. سندس چوڻ هو ته منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا ويجهي رابطي ۾ رهن ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏين. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته منصوبو مڪمل ٿيڻ سان شهرين کي محفوظ، تيز ۽ سَسِتي سفري سهولت حاصل ٿيندي ۽ شهر جي ٽريفڪ جي نظام ۾ نمايان بهتري ايندي. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ريڊ لائن بي آر ٽي جي وقت تي مڪمل ٿيڻ لاءِ سمورا اسٽيڪ هولڊر گڏجي حڪمت عملي جوڙيندا………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
26 %
1kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون