تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ايشيا ڪپ ٽي-20: پاڪستان اڄ عمان سان ٽڪرائيندو

- Advertisement -
ايشيا ڪپ ٽي-20: پاڪستان اڄ عمان سان ٽڪرائيندو دبئي ۾ ايشيا ڪپ ٽي-20 جو چوٿون مقابلو اڄ پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان لاءِ ٽورنامينٽ جي شروعات ڀرپور سمجهي پئي وڃي، ڇو ته سامهون ايندڙ حريف پهريون ڀيرو ايشيا ڪپ ۾ شامل ٿيو آهي. عمان جي ٽيم گذريل سال کان ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، جن ۾ رانديگرن سان معاوضي جا تڪرار به شامل رهيا. ان دوران ڪيترائي اهم رانديگر ٽيم جو حصو نه رهيا، ۽ هاڻي اڌ کان وڌيڪ رانديگر نوان آهن. پاڪستان ٽيم تازو ئي افغانستان ۽ يو اي اي خلاف ٽرائي سيريز کٽي اچي رهي آهي، جنهن سان رانديگرن جو مورال بلند آهي. دبئي ۾ اڄ جو مقابلو پاڪستان لاءِ انڊيا خلاف ايندڙ وڏي مقابلي کان اڳ هڪ اهم مشق وارو ميچ به آهي. ماهرن موجب دبئي جون پچون اسپن بالرن لاءِ مددگار هونديون، ۽ اميد آهي ته پاڪستان ٽيم ٻن رسٽ اسپنرن سان به آزماءش ڪري سگهي ٿي. پر ساڳي وقت پاڪستان کي اهو به ياد رکڻو پوندو ته گذريل ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا جهڙي نئين ٽيم خلاف هار، ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيڻ جو سبب بڻي هئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
15 %
3.6kmh
33 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون