- Advertisement -
نصيرآباد ۾ برطرف ڪيل پوليس اهلڪار ذوالفقار علي جوڻيجو ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو.
نصيرآباد ۾ پوليس کاتي مان برطرف ڪيل اڳوڻي پوليس اھلڪار ذوالفقار علي جوڻيجو اڄ فجر ويل گھر اندر وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو.
اڳوڻي پوليس اھلڪار کي نوڪريءَ تان ھٽايو ويو ھئو، کيس ھڪ معصوم پٽ ۽ 6 نياڻين جي اولاد به آهي.
فوتي جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر نصيرآباد آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
آپگهات ڪندڙ اھلڪار جي ڀاءُ برڪت جوڻيجو ٻڌايو ته ذوالفقار سي پيڪ ۾ ڊيوٽي تي ويل ھو، اوچتو امڙ جي ڄنگهه ٽٽي پئي.
سندس چوڻ هو ته سندس فوتي ڀاءُ ذوالفقار کي ٽن ڏينهن جي موڪل نه ملڻ سبب اهو مجبور ٿي امڙ جي علاج لاءِ ڊيوٽي ڇڏي ڳوٺ آيو ته کيس سزا طور برطرف ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته ذوالفقار جي گذريل ھڪ سال کان پگھار بند ھئي، ھو معاشي تنگي سبب سخت پريشان ھو جنھن سبب هن اڄ اهڙو انتھائي قدم کڻي پنهنجي زندگيءَ جو انت آندو آهي.
هن چيو ته مسلسل بيروزگاري کان تنگ اچي سندس ڀاءُ اڳوڻي پوليس اھلڪار اڄ فجر مهل ڦاھو کائي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو آهي.- Advertisement -
