- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته غزه جنگ بندي لاءِ زبردستي اڳڀرائي ڪري رهيا آهن، اميد آهي ته جنگ بندي بابت معاهدو جلد ٿي ويندو.
وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته حماس انهن شين تي اتفاق ڪري رهي آهي جيڪي تمام گھڻيون اهم آهن.
امريڪي صدر چيو ته دنيا جي سمورن ملڪن غزه امن منصوبي جي آجيان ڪئي، ترڪ صدر ۽ اردن جي شاهه سان به ڳالهه ٿي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي هڪ ڀيرو ٻيهر واپار ۽ ٽيرف سان جنگيون روڪرائڻ جو ذڪر ڪيو.
امريڪي صدر چيو ته واپار ۽ ٽيرف سان 7 جنگيون روڪرايون، پاڪستان ۽ ڀارت جنگ به روڪرائي، جنگ ۾ ڀارت جا 7 جهاز تباهه ٿيا.
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شٽ ڊائون جو ذميوار ڊيموڪريٽس کي قرار ڏيندي چيو ته هو غيرقانوني طريقي سان غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي صحت جون سهولتون ڏيڻ چاهين ٿا، اوباما دور کان اربين ڊالر جي سبسڊيز ڏئي معيشيت کي تباهه ڪيو ويو
هن وڌيڪ چيو ته بدامني جو شڪار شڪاگو وار زون بڻجي چڪو آهي، فوج جي مقرريءَ کانپوءِ واشنگٽن ڊي سي پرامن شهر بڻجي ويو آهي.- Advertisement -
