تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽي ايم سي گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ۾ ٽيڪس وصولي معاملي تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ٽي ايم سي گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري وچ ۾ ٽيڪس اوڳاڙي ڪيس ۾ توهين عدالت درخواست تي ڇهن آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تائين توهين عدالت جي جوابدارن کان شوڪاز نوٽيس جو جواب طلب ڪري ورتو. سنڌ هائيڪورٽ ٽي ايم سي گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري وچ ۾ ٽيڪس اوڳاڙي ڪيس ۾ توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت توهين عدالت جي درخواست تي چيئرمين ٽي ايم سي ابراهيم حيدري سميت ڇهن آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو. معطل آفيسرن ۾ ٽائون ميونسپل ڪمشنر، ڊائريڪٽر ٽيڪس، ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽيڪس، ٽيڪس آفيسر ۽ ٺيڪيدار شامل آهن. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عدالت ٽائون وچ ۾ ٽيڪس اوڳاڙي جو تڪرار حل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير اڳيان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته ٽي ايم سي ابراهيم حيدري ٽيڪس اوڳاڙي لاءِ ڄامشوري وٽ غيرقانوني چنگي ٺاهي ڇڏي آهي. ايڊووڪيٽ احمد سعيد چيو ته عدالتي حڪم جي ابتڙ ٽي ايم سي ابراهيم حيدري چيئرمين غيرقانوني طور ٽيڪس اوڳاڙي رهيو آهي. گڏاپ ٽائون جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ناظر جي رپورٽ ۾ به غيرقانوني چنگي جي موجودگي جي تصديق ٿي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين توهين عدالت جي جوابدارن کان شوڪاز نوٽيس جو جواب طلب ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون