- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪري کيس سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.
بلاول هائوس ڪراچي ۾ صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال سميت سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن ۾ جاري ڇڪتاڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.- Advertisement -
