اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ غزه جنگ بندي جي معاهدي لاءِ هڪ حقيقي موقعو آهي : ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ غزه جنگ بندي جي معاهدي لاءِ هڪ حقيقي موقعو آهي، وچ اوڀر ۾ امن بحال ڪرڻ جون ڪوششون فيصلائتي موڙ تي پهچي ويون آهن. ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو تھ ھو وچ اوڀر ۾ وڏي امن معاهدي جي ويجهو آهن، جيڪو غزه کان ٻاهر علائقي ۾ ھاڪاري تبديلي آڻي سگهي ٿو. ٽرمپ تصديق ڪئي ته آمريڪي ٽيم هن وقت مصر ۾ جاري ڳالھين جو اڻ سڌي طرح حصو آهن. وائيٽ هائوس موجب، صدر ٽرمپ جو خاص نمائندو اسٽيو وِٽڪوف ۽ سندس ناٺي جيريڊ ڪشنر پڻ ڳالهين جي عمل ۾ شامل آهن. صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ھو چاهين ٿا ته يرغمالين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسرائيل ۽ حماس جنگ بندي تي متفق ٿين ٿا، ته آمريڪا يقيني بڻائيندو ته سڀئي ڌريون معاهدي جي مڪمل طور تي پاسداري ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
32%
2.1m/s
1%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °

تازه ترين خبرون