تازه ترين

مخالفن کي ياد رکڻ گهرجي ته ن، ش ۽ م لوهي ڀت جيان متحد آهن: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز

- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته مخالفن کي ياد رکڻ گهرجي ته ن، ش ۽ م لوهي ڀت جيان متحد آهن، ننڍن شهرن جي ترقي سندن پهرين ترجيح آهي. پاڪپتن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته سـُـٿرا پنجاب پروگرام سندس اميدن کان وڌيڪ وڌي چڪو آهي، پاڪپتن اڳ کان وڌيڪ صاف سٿرو ۽ سرسبز نظر پيو اچيَ. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ن، ش ۽ م کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته هو لوهي ڀت جيان متحد آهن، اختلاف پکيڙيندڙ ماڻهو هميشه جيان انجام تائين پهچندا. مريم نواز چيو ته ننڍن شهرن جي ترقي سندن پهرين ترجيح آهي، ڪجهه مهينن ۾ پنجاب جا 25 ضلعا زيرو ڪرائم زون بڻجي چڪا آهن، هاڻي عورتون، ڇوڪريون ۽ امڙيون بنا خوف ٻاهر نڪري سگهن ٿيون. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته ڪسان ڪارڊ تحت هر فصل لاءِ ڏيڍ لک رپيا بنا وياج قرض فراهم ڪيو پيو وڃي، ڀاڻ تي تاريخي سبسڊي پلان ٺاهيو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون