- Advertisement -
قمبر ويجهو جوابدار پنهنجي گهرواري کي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن پاران لاش لاڙڪاڻي روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو.
ڳوٺ ڇڄڙا ۾ جوابدار غلام مرتضيٰ چانڊيو پنهنجي گهرواري نائلا کي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نائلا جي والد ارشاد ڪوري الزام هڻندي چيو ته نياڻي سندس گهر ۾ ترسيل هئي جتي جوابدار غلام مرتضيٰ ۽ ٻين کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
وارثن پاران لاڙڪاڻي روڊ تي نائلا جو لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.- Advertisement -
