تازه ترين

سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي هدايتن تي سڄي صوبي ۾ ڊينگي ۽ مليريا کان بچاءَ لاءِ هنگامي مهم جي شروعات

- Advertisement -
سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي هدايتن تي سڄي صوبي ۾ ڊينگي ۽ مليريا کان بچاءَ لاءِ هنگامي مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي. سنڌ جي صحت واري وزير سمورن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن کي هنگامي بنيادن تي اثرائتا قدم کڻڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سمورن ضلعن فوگنگ، اسپري، آگاهي سيشن ۽ عوامي مهم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ جي صحت واري وزير چيو ته ڊينگي ۽ مليريا کان بچاءَ لاءِ سنڌ حڪومت جي مشينري متحرڪ ڪئي وئي آهي، هلندڙ سال ڊينگي جا 819 ۽ مليريا جا 2 لک کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته هر ضلعي ۾ اسپري، فوگنگ ۽ آگاهي پروگرامن کي روزاني بنياد تي يقيني بڻايو ويندو، عوامي سهڪار سان جلد هن وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، عوام ڪردار ادا ڪري. سندس چوڻ هو ته سمورن ضلعن ۾ فوگنگ، اسپري ۽ آگاهي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اسڪول، اسپتال، مارڪيٽ ۽ بس اسٽاپن سميت عوامي هنڌن تي بينر، پمفليٽ ۽ آگاهي مواد لڳايو پيو وڃي. سنڌ جي صحت واري وزير چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن کي گهر گهر وڃي آگاهي ڏيڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، صفائي ۽ احتياطي اپائن تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن وبا کي جلد ختم ڪري سگهجي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته صحت کاتي جون ٽيمون ڏينهن رات عوامي حفاظت لاءِ سرگرم آهن، ڊينگي ۽ مليريا بابت صورتحال جي مانيٽرنگ روزاني جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
1 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
33 %
2.7kmh
1 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون