- Advertisement -
اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي آپريشن ڪندي 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته آپگهاتي حملو ناڪام بڻائيندي چئن خوارجين کي ماريو ويو.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي دتاخيل ۾ سڪيورٽي فورسز انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ٻڌل آپريشن ڪيو، فورسز اطلاعن کي نظر ۾ رکندي 8 کان 10 ڏينهن علائقي جي ڀرپور نگراني ڪئي.
سڪيورٽي ذريعن موجب، سڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارتي حمايت يافته 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن ۾ فتنه الخوارج جو ڪمانڊر محبوب عرف محمد به شامل آهي.
سڪيورٽي ذريعن موجب، سڪيورٽي فورسز جي اها ڪارروائي علائقي ۾ امن دشمن عنصرن خلاف جاري آپريشن جو حصو آهي.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي آپگهاتي حملي کي ناڪام بڻائيندي چئن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
سڪيورٽي ذريعن موجب، هڪ خوارج بارود سان ڀريل گاڏي سڪيورٽي فورسز جي ڪيمپ جي ڀت سان ٽڪرائي جيڪا ڌماڪي سان ڦاٽي پئي.
ذريعن موجب، گاڏي ڀت سان ٽڪرائڻ کانپوءِ ٽن وڌيڪ خوارجين ڪيمپ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز بروقت ۽ بهادراڻي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ٽئي خوارجي ڪيمپ ٻاهران ئي مارجي ويا، الحمد الله، سڪيورٽي فورسز جو ڪنهن قسم جو ڪوبه نقصان نه ٿيو.
گذريل ٻن ڏينهن دوران افغان طالبان جي حمايت يافته 88 جوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، انشاءَ الله نيشنل ايڪشن پلان تحت آخري خوارجي جي خاتمي تائين پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ جو دفاع ائين ئي ڄمي ڪندا رهندا.- Advertisement -
