تازه ترين
قوم جي روح تي 18 آڪٽوبر 2007ع جو ڏهاڙو هميشه لاءِ نقش ٿي چڪو آهي : بلاول ڀٽو زرداري نوابشاهه ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ جون سنڌ ٽي وي نيوز تي خبرون نشر ٿيڻ بعد صحت کاتي جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ڪا... مورو ويجھو ٻانڌي روڊ ٽه موڙ ڪراچي اسٽاف وٽ پراڻي دشمني تان جوابدارن موٽرسائيڪل سوار ٻن ڄڻن کي گوليون... بدين ۾ ڊينگي تي ضابطو نه آيو، 3 ڏينهن دوران 55 نوان ڪيس رپورٽ ٻيهر اڳرائي ڪئي وئي ته ڀارت جي جاگرافيائي حفاظتي تصور کي هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو: آرمي چيف فيض گنج : ڳوٺ نورل فقير چانگ ۾ عورت مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن پاران مڙس تي قتل جو الزام ڪلوئي: پورهيت کي سڱاوتي تڪرار تان مبينا طور تي باهه ڏئي ساڙيو ويو هاڻي خونريزي کي ختم ڪرڻ ۽ ڳالهين ذريعي معاملن کي حل ڪرڻ جو وقت آهي : ڊونلڊ ٽرمپ ڪارساز سانحو انهن قوتن جي ناڪامي جي علامت آهي جيڪي عوام جي آواز کي دٻائڻ چاهين ٿيون: شرجيل ميمڻ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جنگ ختم ڪرڻ سندس لاءِ گهڻي سولي آهي : ڊونلڊ ٽرمپ

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڳالهيون

- Advertisement -
- Advertisement -

آءِ ايم ايف ايندڙ پنجن ورهين دوران مالياتي خساري ۽ قرض سان جي ڊي پي جي تباسب ۾ گهٽتائي سميت پاڪستان جي مالياتي انگن اکرن ۾ بهتري جي اڳڪٿي ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ پنجن ورهين ۾ پاڪستان کي اوڳاڙي ۾ گهٽتائي ۽ پينشن خرچن ۾ اضافي جهڙو مالي دٻاءُ سامهون اچي سگهي ٿو.

آءِ ايم ايف طرفان سالياني اجلاس دوران جاري ڪيل فسڪل مانيٽر رپورٽ ۾ چيو ويو ته پاڪستان جو هلندڙ مالي سال ۾ مالي خسارو جي ڊي پي جو چار ڏهائي هڪ سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، اهو گذريل مالي سال جي 5 ڏهائي 3 کان گهٽ ۽ حڪومت طرفان مقرر ڪيل 3 ڏهائي 9 سيڪڙو کان ڪجهه وڌيڪ آهي.

آءِ ايم ايف تجويز ڏني ته دفاع، انفرااسٽرڪچر سميت ٻي سبسڊي جهڙن خرخن کان پاسو ڪيو وڃي.

آءِ ايم ايف موجب انهن سفارشن تي عمل ڪيو وڃي ٿو ته ايندڙ مالي سال خسارو جي ڊي پي جو 3 ڏهائي 9 سيڪڙو، 2028ع ۾ 3 ڏهائي 3 سيڪڙو، 2029ع ۾ 3 ڏهائي هڪ سڪيڙو ۽ 2030ع تائين 2 ڏهائي 8 سيڪڙو  تائين گهٽ ٿي ويندو.

عالمي مالياتي فنڊ موجب ٻن بجيٽن ۾ 7 ارب ڊالر جي بيل آئوٽ پيڪيج تحت ڪيل سخت ٽيڪس قدمن عيوض حڪومت جي مجموعي آمدنيءَ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان جي مجموعي حڪومتي آمدني 2024ع ۾ جي ڊي پي جي 12 ڏهائي 7 سيڪڙو مان وڌي 2025ع ۾ 15 ڏهائي 7 سيڪڙو ٿي ويندي.

آءِ ايم ايف اڳڪٿي ڪئي ته ايندڙ سال ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ جو تباسب جي ڊي پي جي لحاظ سان 15 ڏهائي 7 سيڪڙو تائين ڪري پوندو، پر 2028ع کان 2030ع دوران 15 ڏهائي 9 سيڪڙو تي مستحڪم رهندو……..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
16 %
3.3kmh
0 %
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون