- Advertisement -
بدين ضلعي ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي.
ڊي ايڇ ڪيو اسپتال بدين ۾ ٽن ڏينهن دوران 55 مريضن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي آهي.
38مرد ۽ 17 عورتون ڊينگي وائرس ۾ مبتلا هئڻ سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.
عوام ڊينگي بابت بي خبر آهي، آگاهي جي سخت کوٽ آهي، ڊاڪٽرن طرفان احتياطي اپاءَ وٺڻ تي زور ڏنو پيو وڃي.
سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته صحت کاتو، ضلعي ۽ ميونسپل انتظاميا پنهنجون ذميواريون چڱي ريت نڀائن.
سندن چوڻ هو ته مڇرمار اسپري نه ٿيڻ ۽ ٻوڏ جو پاڻي گڏ رهڻ سبب ڊينگي ڪيسن ۾ واڌ ٿي آهي.
هنن ضلعي ۾ هنگامي بنيادن تي اسپري ۽ صفائي مهم شروع ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.- Advertisement -
