- Advertisement -
اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي م 3 عورتون ۽ ٻه ٻارڙا شهيد ٿي ويا ۽ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، سڪيورٽي فورسز جي بنون ۾ آپريشن دوران به 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب، اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ کادي پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن آپگهاتي حملي جي ڪوشش ڪئي.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي بزدلاڻي آپگهاتي حملي ۾ 3 عورتون ۽ ٻه ٻارڙا شهيد ٿي ويا.
سڪيورٽي ذريعن موجب، سڪيورٽي فورسز خارجي آپگهاتي کي ناڪام بڻائيندي چئن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته خارجي دهشتگرد گل بهار گروپ هن ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪئي هئي، خارجي گل بهار افغان طالبان جي سرپرستي ۾ افغانستان ۾ لڪل آهي.
سڪيورٽي ذريعن موجب، فتنه الخوارج جا دهشتگرد ڀرپور ناڪامي کانپوءِ ڪي پي جي معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.
خيبرپختونخوا جي مغل ڪوٽ سيڪٽر بنون ۾ سڪيورٽي فورسز ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ ٻن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
سڪيورٽي ذريعن موجب، سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ طارق کچي گروپ کي نشانو بڻايو ويو، آپريشن دوران گروپ جو سربراهه طارق کچي ۽ حڪيم الله عرف ٽائيگر موت جو کاڄ بڻجي ويا.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن، طارق کچي جي نئين سر جوڙجڪ ٿيل دهشتگرد تنظيم ٻن سالن کان دهشتگرداڻي ڪاررواين ۾ سرگرم هئي.
ذريعن موجب، اهو ٽولو فتنه الخوارج طالبان لاءِ ڀتاخوري ۽ افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگردن جي سرحد پار ڪرڻ جي مددگاري ۾ به ملوث هو…….- Advertisement -
