تازه ترين

حماس پاران اسرائيل تي جنگ بندي معاهدي جي پاسداري لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو مطالبو

- Advertisement -
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس عالمي برادري کان اسرائيل تي جنگ بندي معاهدي جي پاسداري لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. حماس ترجمان حازم قاسم جو چوڻ آهي ته اسرائيل طرفان جنگ بندي معاهدي جون ڀڃڪڙيون جاري آهن، جنگ بندي کانپوءِ هن وقت تائين 90 فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب، اسرائيل طرفان ٿيندڙ ڀڃڪڙين ۾ رفح بارڊر جي بندش ۽ امداد جي فراهمي روڪڻ جون ڪوششون به شامل آهن. حماس والاريل اولهه ڪناري کي اسرائيل ۾ ضم نه ڪرڻ واري امريڪي موقف کي به ساراهيو. عرب ميڊيا موجب، حماس ترجمان حازم قاسم جو چوڻ آهي ته غزه امن معاهدي جي ڪاميابي ۽ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ حماس پرعزم آهي. سندس چوڻ آهي ته حماس کي غزه امن معاهدي لاءِ مصر، قطر ۽ ترڪيه کان واضح ضمانتون مليون آهن، جنهن جي آمريڪا پڻ سڌي طرح تصديق ڪئي آهي. حماس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته امريڪا جو والاريل اولهه ڪناري کي اسرائيل ۾ ضم نه ڪرڻ وارو موقف هڪ هاڪاري قدم آهي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
24 %
3.3kmh
1 %
آچر
27 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون