- Advertisement -
پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته نيپرا جو فيصلو ڪراچيءَ وارن جي حق ۾ آهي، ڪراچيءَ جي واهپيدارن کي سبسڊي ملندي رهندي، سبسڊي کي ڪي اليڪٽرڪ جي منافعي جو حصو بڻجڻ جا روڪيو ويو آهي.
ڪي اليڪٽرڪ جي ملٽي ايئر ٽيرف تي نظرٿاني واري فيصلي تي وضاحت جاري ڪندي پاور ڊويزن جي ترجمان چيو ته نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ملٽي ايئر ٽيرف تي نظرثاني يل فيصلو جاري ڪيو آهي.
هن چيو ته ڪجهه ماڻهو نيپرا جي فيصلي تي گمراهه ڪندڙ تاثر پکيڙي رهيا آهن، نيپرا جو فيصلو ڪراچيءَ وارن جي خلاف نه پر حق ۾ آهي.
پاور ڊويزن جي ترهمان چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي سرڪاري ادارن کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ گهرجي، آئيسڪو، فيسڪو ۽ گيپڪو جهڙا ادارا رِڪوري ۽ سروس ۾ اڳتي آهن، نيپرا جو نظرثاني فيصلو انتظامي سڌارن بابت آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته ڪي اليڪٽرڪ نيشنل گرڊ مان 2 هزار ميگا واٽ بجلي کڻي رهي آهي، جيڪا ڪي اليڪٽرڪ جي پنهنجن پلانٽن کان سستي آهي.
پاور ڊويزن جي ترجمان چيو ته ڪي اليڪٽرڪ واهيپدارن لاءِ به في يونٽ اگهه قومي سطح تي برابر آهن، خرچن ۾ گهٽتائين واهيپدارن لاءِ هاڪاري قدم ثابت ٿيندو.
ترجمان واضح ڪيو ته ڪراچيءَ جي واهيپدارن کي سبسڊي ملندي رهندي، ان کي ڪي اليڪٽرڪ جو منافعو بڻجڻ کان روڪيو ويو آهي، فيصلي بعد رڳو تصديق ٿيل رهتون ئي شامل ٿينديون.
پاور ڊويزن جي ترجمان چيو ته نيپرا جو فيصلو واهيپدارن جي مفاد ۾ آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي منافعي کي جائز حد ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هاڻي ڪي اليڪٽرڪ جو منافعو ڊالر بدران پاڪستاني رپئي ۾ ٿيندو، جنهن جي شرح 24 کان 30 سيڪڙو گهٽ ڪئي وئي آهي.
ترهمان چيو ته آزاد ڪنسلٽنٽ ڪي اليڪٽرڪ جي نقصانن ۽ خرچ جو انڪشاف ڪيو آهي، نيپرا نقصانن جي شرح گهٽ ڪري عوامي مفاد جو تحفظ ڪيو، بند پاور پلانٽن جا خرچ واهپيدارن کان نه ورتا ويندا، نيشنل گرڊ مان سستي بجلي ملڻ سان فيول خرچ گهٽ ٿيندا.
بيان ۾ چيو ويو ته نيپرا جو نظرثاني فيصلو ريگيوليٽري نظام جي مضبوطيءَ طرف اهم قدم آهي، فيصلو ٽيڪس ڏيندڙن تي بار گهٽ ڪندو ۽ ڪي اليڪٽرڪ توڙي سرڪاري ڊسڪوز ۾ توازن پيدا ٿيندو.
پاور ڊويزن جي ترجمان چيو ته ڪراچيءَ کي لوڊشيڊنگ جو ڪو خطرو ناهي، نيشنل گرڊ ۾ گهڻي ۽ سستي بجلي دستياب آهي….- Advertisement -
