تازه ترين

سنڌ حڪومت ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد، سکر لاڙڪاڻي ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪوٽي جي ٽريننگ  شروع ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
سنڌ حڪومت ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد، سکر لاڙڪاڻي ۾ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪوٽي جي ٽريننگ  شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  جڏهن ته سنڌ جي وڌيڪ ٽن ضلعن ۾ پيپلز بس سروس جي دائري کي وڌائڻ جو بھ فيصلو  ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اھم اجلاس ٿيو جنهن ۾  سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪنول نظام ڀٽو ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ   ٿيا. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي جاري ۽ ايندڙ رٿائن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رھي آھي. هن چيو ته حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ ملازمت پيشھ عورتن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ اسڪوٽيز ھلائڻ جي تربيت شروع ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته عورتن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ اسڪوٽيز ھلائڻ جي سکيا خانگي ڪمپني جي ڀائيواري سان ڏني وئي وڃي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ھي سکيا رڳو چرپر جو ذريعو نھ پر عورتن جي خودمختياري ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ ڏانھن ھڪ اھم قدم آھي. هن چيو ته سکيا مڪمل ڪندڙ عورتن کي مفت ۾ ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪيا ويندا تھ جيئن ڪنھن بھ مالي بار جو منھن نھ ڏسڻو پوي. سندس چوڻ هو ته يلو لائن بي آر ٽي جو ھڪ اھم سيڪشن تاج حيدر پل مڪمل ٿي چُڪو آھي ۽ جلد ئي عوام جي لاءِ کوليو پيو وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته گلشن معمار کان ٽاور تائين 15 اي وي بسن تي ٻڌل نئون روٽ شروع ڪيو پيو وڃي، جيڪو شھرين کي جديد ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ جي سھولت مھيا ڪندو. هن چيو ته خيرپور، شڪارپور، نوشھرو فيروز ۾ بھ پيپلز بس سروس تحت 20 نيون بسيون ھلايون وينديون تھ جيئن سنڌ جي ٻين شھرن کي سفري جو معياري سھولتون ملي سگھن. سندس چوڻ هو ته ڊبل ڊيڪر ۽ اي وي بسن جي نئين کيپ جلد ڪراچي پھچڻ واري آھي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ھلندڙ سال ڊسمبر جي مھيني ۾ اي وي ٽيڪسي سروس بھ شروع ڪرڻ وڃي رھيا  آهن. هن چيو ته  شروعاتي مرحلي ۾ ٽيھھ پنڪ اي وي ٽيڪسين جي لاءِ عورت ڊرائيورز کي سکيا ڏيڻ جو منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي……………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
11 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.4 ° C
27.4 °
27.4 °
35 %
2.3kmh
0 %
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
34 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون