- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف، هزارين پاڪستانين کي روزگار لاءِ سعودي عرب موڪلڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته ويزن 2030ع ۽ فيفا ورلڊڪپ لاءِ سعودي عرب کي ماڻهن جي ضرورت آهي، ڀرپور ڪوششون وٺي پاڪستانين کي سعودي موڪليو ويندو.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي دوري تي کيس ايَ آءِ جديد ٽيڪنالاجي سسٽم بابت ٻڌايو ويو، جنهن تي هن چيو ته پاڪستان وٽ تيل جا ذخيرا ناهن ۽ ايترو خرچ به نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته اهو ٻڌي سعودي اختياري چيو ته سندن اها سهولت ڪروڙين پاڪستان ۽ شاگردن لاءِ بلڪل مفت آهن، ان سلسلي ۾ جلد خوشخبري ملندي.
شهبازشريف چيو ته سعودي عرب ۾ 2030 ۾ هڪ وڏي نمائش ۽ 2034ع ۾ فيفا ورلڊڪپ ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ سعودي عرب کي هزارين ليبر، اعليٰ تربيت يافته ۽ هنرمند ماڻهن جي ضرورت آهي.
وزيراعظم اشارو ڏنو ته هو پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪري هزارين پاڪستاني نوجوانن کي روزگار لاءِ سعودي عرب موڪلڻ جي ڪوشش ڪندو، جيئن اتي سندن نوجوان وڃي ملڪ جو نالو روشن ڪن.
شهبازشريف چيو ته هلندڙ سال اسڪيم تحت ملڪ ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ سئو سيڪڙو ميرٽ تي ورهايا پيا وڃن، هاڻي جديد ٽيڪنالاجي ۽ اي آءِ جو دور اچي ويو آهي، انشاءَ الله هو پنهنجن ٻارن کي اها سهولت به جلد فراهم ڪندا ته جيئن ملڪ خودمختيار ۽ سندن مستقبل روشن هجي………..
- Advertisement -
