تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڀارت ۾ مسلمانن سميت اقليتن مٿان ظلم ڪيو پيو وڃي: صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت ۾ مسلمانن سميت اقليتن مٿان ظلم ڪيو پيو وڃي، والاريل ڪشمير جي آزادي وقت جي ضرورت آهي. گلگت بلتستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته والاريل ڪشمير جو عوام ڊگهي عرصي کان ڀارت جي ظلم جو شڪار آهي، والاريل ڄمون ڪشمير جي آزادي وقت جي ضرورت آهي، ڀارت ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي انتها تي پهچي چڪي آهي. هن چيو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته ڀارت ۾ مسلمانن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق حل ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي جا نوان رستا کليا آهن، چين سندن دوست ملڪ آهي، سي پيڪ فيز ٽو ڪاميابي سان پنهنجا مرحلا طئي ڪري رهيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته گلگت بلتستان جي عوام جي بهادريءَ کي وساري نٿو سگههي، گلگت بلستان جي عوام آزادي وقت پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. سندس چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو ايف آر سي ختم ڪيو، سندن حڪومت گلگت کي قانون ساز اسيمبلي ڏني، گلگت بلتستان جي هر وادي ۾ اسڪول ۽ پنهنجي ايئر لائن هئڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته گلگت بلتستان ۾ قدرتي وسيلا آهن، هتي سياحت کي هٿي ملي سگهي ٿي، اڄ جو زمانو ڪميونيڪيشن جو آهي. ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري گلگت بلتستان جي جشن آزادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي گورنر ۽ وزيراعليٰ گلگت سندس آجيان ڪئي. گورنر گلگت بلتستان صدر کي روايتي ٽوپي پارائي ۽ آصف علي زرداري پريڊ جو پڻ معائنو ڪيو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
33 %
2.5kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون