مضبوط قدمن سبب ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافو ٿيو آهي: ايف بي آر چيئرمين

- Advertisement -
ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال چيو آهي ته مضبوط قدمن سبب ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافو ٿيو آهي، ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ 59 لک کان وڌي ويو آهي، سمورا ادارا ايف بي آر سان سهڪار ڪري رهيا آهن، پهريون ڀيرو ٽيڪس ٽو ڊي جي پي ۾ هڪ ڏهائي پنج سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ حڪومتي معاشي ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راشد لنگڙيال چيو ته ايف بي آر کي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ضرورت ناهي. سندس چوڻ هو ته ايف بي آر ۾ سڌارا لاڳو ڪرڻ ۾ وقت جي ضرورت هوندي آهي، ٽيڪس بابت بجيٽ ۾ منظور ٿيل قدمن تي عمل ڪيو پيو وڃي، هاڪاري قدمن سبب ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو آهي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته ٽيڪس سڌارن ۾ وقت گهربل هوندو آهي، پهريون ڀيرو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح ۾ هڪ ڏهائي 5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. راشد لنگڙيال چيو ته کين ٽيڪس اوڳاڙي ي جي ڊي پي جي 18 سيڪڙو تائين پهچائڻو آهي، ٽيڪس سڌارا هڪ سال ۾ مڪمل نٿا ٿي سگهن، هن سال انڪم ٽيڪس گوشوارن ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
33%
1.8m/s
12%
آچر
26 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
33 °

تازه ترين خبرون