تازه ترين

صدر آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو. حماد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي صدرِ مملڪت ۽ سندس وفد جو استقبال سينيئر قطري اختيارين ۽ دوحه ۾ مقرر پاڪستان جي سفير ڪيو. صدر آصف علي زرداري عالمي سماجي ترقياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. صدر مملڪت پنهنجي خطاب ۾ عالمي برادري کي سماجي ترقي ۽ گڏيل ترقي بابت پاڪستان جي کنيل قدمن بابت آگاهه ڪندو. صدر آصف علي زرداري سماجي تحفظ، غربت گھٽائڻ ۽ ڪمزور طبقي کي مستحڪم ڪرڻ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪردار تي روشني وجهندو. ان کان علاوه صدر مملڪت دوحه الائنس، سوشل پروٽيڪشن اينڊ جابز ڪمپيڪٽ جي شروعات لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ عالمي ترقياتي واعدن سان هم آهنگ منصوبن تي ڳالهائيندو. صدر آصف علي زرداري پنهنجي دوري دوران مختلف عالمي، علائقائي اڳواڻن ۽ عالمي تنظيمون جي نمائندن سان ملاقاتون پڻ ڪندو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
39 %
5.2kmh
27 %
اڱارو
27 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون