تازه ترين

صدر آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو. حماد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي صدرِ مملڪت ۽ سندس وفد جو استقبال سينيئر قطري اختيارين ۽ دوحه ۾ مقرر پاڪستان جي سفير ڪيو. صدر آصف علي زرداري عالمي سماجي ترقياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. صدر مملڪت پنهنجي خطاب ۾ عالمي برادري کي سماجي ترقي ۽ گڏيل ترقي بابت پاڪستان جي کنيل قدمن بابت آگاهه ڪندو. صدر آصف علي زرداري سماجي تحفظ، غربت گھٽائڻ ۽ ڪمزور طبقي کي مستحڪم ڪرڻ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪردار تي روشني وجهندو. ان کان علاوه صدر مملڪت دوحه الائنس، سوشل پروٽيڪشن اينڊ جابز ڪمپيڪٽ جي شروعات لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ عالمي ترقياتي واعدن سان هم آهنگ منصوبن تي ڳالهائيندو. صدر آصف علي زرداري پنهنجي دوري دوران مختلف عالمي، علائقائي اڳواڻن ۽ عالمي تنظيمون جي نمائندن سان ملاقاتون پڻ ڪندو……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
9.9 ° C
9.9 °
9.9 °
19 %
2.2kmh
49 %
خميس
10 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون