تازه ترين

بليو اڪانومي پاڪستان جي معيشيت لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي : محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته بليو اڪانومي پاڪستان جي معيشيت لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي. پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته پاڪستاني معشيت بهتري طرف وڌي رهي آهي، واپار ۽ معيشيت جي استحڪام لاءِ دوست ملڪن جو سهڪار حاصل آهي. محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته حڪومت معيشيت ۾ بنيادي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، بنيادي سڌارا مستحڪم ترقي لاءِ ضروري آهن. سندس چوڻ هو ته معاشي استحڪام جي لاءِ اڍائي سالن ۾ ٺوس قدم کنيا ويا، ٽي گلوبل ريٽنگ ايجنتي پاڪستان جي معاشي قدمن جي تعريف ڪئي. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي، گوادر ۽ پورٽ قاسم جي بندرگاهن کي جديد بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته ميري ٽائم ڪانفرنس جو مقصد اهو به آهي ته پرڏيهي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪايو وڃي، بليو اڪانومي پاڪستان جي معيشيت ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته ايندڙ وقت ۾ بليو اڪانومي ذريعي معاشي هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا، اهو يقين ڏياري ٿو ته بليو اڪانومي جي حوالي سان پاليسي مسئلا حل ڪيا ويندا. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ويجهڙ ۾ ايندڙ ٻوڏ سبب وقتي طور تي معيشيت ڪمزور ٿي هئي، دنيا جي بهترين معاشي ادارا پاڪستان جي وڌندڙ معيشيت جي تعريف ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
7 %
1kmh
0 %
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °
سُومر
19 °
اڱارو
19 °

تازه ترين خبرون