- Advertisement -
خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ 20 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا طرفان فتنه الخوارج خلاف ڌار ڌار ڪارروايون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ڀارتي اسپانسرڊ 8 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوججي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز ٻي ڪارروائي درا آدم خيل ضلعي ۾ ڪئي، جنهن دوران ٻارنهن دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي موجودگيءَ جي خدشي سبب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.- Advertisement -
