- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز طرفان وانا ڪيڊ ڪاليج اندر موجود ٽن خارجي دهشتگردن جو گهيراءُ برقرار آهي.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيڊٽ ڪاليج ۾ موجود ٽنهي دهشتگردن جو تعلق افغانستان سان ٻڌايو پيو وڃي.
سڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگرد افغانستان مان مسلسل هدايتون وٺي رهيا آهن، خارجي هڪ عمارت ۾ لڪل آهن جيڪا ڪيڊٽس جي رهائش کان تمام گهڻو پري آهي.
ذريعن موجب ڪيڊٽس جون حياتيون بچائڻ لاءِ عمارت جي ڪليئرنس کي مهارت سان مڪمل ڪيو پيو وڃي جيئن کين ڪو نقصان نه پهچي سگهي
سڪيورٽي ذريعن موجب 10نومبر تي افغان خارجين ڪاليج جي مک گيٽ تي بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي هئي، ڌماڪي سبب ڪاليج جو مک دروازي ۽ ويجهن عمارتن کي نقصان پهتو هو.
سڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي جوانن فوري ڪارروائي ڪندي ٻن خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو هو.
ذريعن موجب آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري رهندو.- Advertisement -
