تازه ترين

عالمي ادارن جي سهڪار سان هلندڙ منصوبا سنڌ جي شهري نظام ۾ انقلاب ۾ تبديلي آيندا: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عالمي ادارن جي سهڪار سان هلندڙ منصوبا سنڌ جي شهري نظام ۾ انقلاب ۾ تبديلي آيندا، ترقياتي منصوبا جٽادار، شفاف ۽ عوامي فلاح تي ٻڌل هجڻ گهرجن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ مڪاني کاتي جي ترقياتي منصوبن جي جائزي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پي اينڊ ڊي چيئرمين نجم شاهه ۽ ناڻي واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير کي صوبائي وزير ناصر شاهه مڪاني کاتن جي ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مڪاني حڪومتن جي ترقياتي منصوبن جو مجموعي ڪاٿو 78 ارب رپين کان وڌيڪ آهي، پرڏيهي امداد سان هلندڙ منصوبا 45 ارب رپين سان جاري آهن، 756 ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جاري آهي، جن مان 713 هلندڙ ۽ 43 نيون اسڪيمون آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪراچيءَ جي 9 ميگا پراجيڪٽن لاءِ 7 ارب 66 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، ڪي ڊي ايَ جي 76 منصوبن لاءِ 13 ارب 22 ڪروڙ، ڪي ايم سي جي 200 منصوبن تي 18 ارب 36 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي 47 منصوبن لاءِ هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير جو چوڻ هوته شهري سهولتن جي بهتري سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي عوام کي بهتر، صاف ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪيو ويندو. سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري وزير کي منصوبن جي سڌيءَ ريت نگرانيءَ جي هدايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته عالمي ادارن جي سهڪار سان هلندڙ منصوبا سنڌ جي شهري نظام ۾ انقلابي تبديلي آڻيندا، ترقياتي منصوبا جٽادار، شفاف ۽ عوامي ڀلائي تي ٻڌل هجڻ گهرجن، منصوبن تي اڳڀرائي رپورٽ ماهوار پيش ڪئي وڃي. وڏي وزير ڪورنگي ڪاز وي کي جلد مڪمل ڪري رپورٽ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي ترقياتي منصوبن بابت به اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعليم کاتي جي ترقياتي ۽ پرڏيهي امدادي منصوبن تي اڳڀرائي رپورٽ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسڪولن جي نئين سر اڏاوت ۽ اپگريڊيشن وارن منصوبن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته تعليم ملڪي ترقيءَ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، تعليم تي خرچ ٿيندڙ هر رپيو مستقبل لاءِ سيڙپڪاير آهي. وڏي وزير چيو ته ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جي معياري اڏاوت ڪئي وڃي، منصوبن جي رفتار تيز ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. سيد مراد علي شاهه ڊونر ايجنسين سان رابطا برقرار رکڻ تي به زور ڀريو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
55 %
4kmh
100 %
سُومر
23 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون