تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سريلنڪن ٽيم جا خدشا ختم ڪيا، فيلڊ مارشل پاڻ سريلنڪا جي بچاءَ واري وزير سان ڳالهائي مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي: محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته سريلنڪن ٽيم جا خدشا ختم ڪيا، فيلڊ مارشل پاڻ سريلنڪا جي بچاءَ واري وزير سان ڳالهائي مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، افغانستان کان ڪارروائي بابت حڪومتي سطح تي فيصلو ڪيو ويندو، اِهو نٿو ٿي سگهي ته افغانستان مان حملا ٿيندا رهن ۽ هو چپ ويهن. سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ڳالهين جو ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم دورو جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته فيلڊ مارشل پاڻ سريلنڪا جي بچاءَ واري وزير سان ڳالهايو ۽ کيس قائل ڪري مڪمل سڪيورٽي جي خاطري ڪرائي. محسن نقوي چيو ته سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ رات دير سان اعلان ڪيو ته سندن ٽيم پاڪستان جو دورو معمول موجب جاري رکندي، جنهن سان هڪ امڪاني بحران ٽري ويو. وفاقي گهرو وزير چيو ته سريلنڪن ٽيم بم ڌماڪي بعد واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو ته هنن ساڻن ڳالهيون شروع ڪيون، سريلنڪن بورڊ ۽ رانديگرن سميت سڀني وڏي حوصلي سان هتي رهڻ جو فيصلو ڪيو. بعد ۾ پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي محسن نقوي چيو ته وانا ڪيڊٽ ڪاليج ۽ اسلام آباد ۾ حملا ڪندڙ افغان شهري هئا. هن چيو ته افغانستان کان ڪارروائي بابت حڪومتي سطح تي فيصلو ڪيو ويندو، اِهو نٿو ٿي سگهي ته افغانستان مان حملا ٿيندا رهن ۽ هو چپ ويهن. محسن نقوي چيو ته دورو جاري رکڻ تي هو سريلنڪن صدر، حڪومت، ڪرڪيٽ بورڊ ۽ رانديگرن جا ٿورائتا آهن……………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
36 %
2.3kmh
80 %
آچر
21 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون