- Advertisement -
فيلڊ مارشل عاصم منير وڌيڪ پنجن سالن لاءِ آرمي چيف جي عهدي تي برقرار رهندو، آرمي چيف ئي چيف آف ڊفينس اسٽاف هوندو، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ جو عهدو ختم، سينيٽ، آرمي، ايئر فورس، نيوي ترميمي ايڪٽ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل منظور ڪري ورتو.
سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، بچاءَ واري وزير خواجا آصف ۽ طارق فضل چوڌري بل پيش ڪيو.
ايوان پاڪستان آرمي ايڪٽ، پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ، پاڪستان نيوي ايڪٽ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.
سينيٽ ۾ بلن جي منظوري جي موقعي تحريڪ انصاف ۽ جي يو آءِ ميمبرن مخالفت ڪئي.
همايون مهمند ۽ ڪامران مرتضيٰ بل جي مخالفت ڪندي بل کي ڪميٽي ۾ اماڻڻ جو مطالبو ڪيو.
سينيٽ چيئرمين بلن جي منظوري لاءِ ايوان کان راءِ ورتي، جنهن بعد ايوان بلن کي اڪثريت راءِ سان منظوري ڪري ورتو.
سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ايوان ستاويهين آئيني ترميم ڪئي ۽ ان سبب ايڪٽس ۾ ترميم جي ضرورت هئي، آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي.- Advertisement -
