تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف ۽ اردن بادشاهه عبدالله وچ ۾ ملاقات

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ۽ اردن بادشاهه عبدالله وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ معاشي، واپاري، سيڙپڪاري، صحت تعليم ۽ دفاعي سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌائڻ جو عزم ٻيهر ورجايو ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو. بادشاهه عبدالله، غزه جي تڪرار ۽ جنگ کان پوءِ استحڪام جي ڪوششن ۾ اردن جي ڪردار لاءِ پاڪستان جي حمايت جي ساراهه ڪئي، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن غزه بابت پاڪستان ۽ اردن جي اصولي موقف کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه امن معاهدي جي حوالي سان 8 عرب اسلامي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف بادشاهه عبدالله کي افغانستان ۽ ڀارت سان لاڳاپيل معاملن بابت پڻ آگاهه ڪيو. بادشاهه عبدالله علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو. ان کان پوءِ پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، جن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ اردن جي بادشاهه عبدالله شرڪت ڪئي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
3.5kmh
5 %
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون