- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين کي امن معاهدو قبول ڪرڻ جي ڊيڊلائين ڏني آهي.
صدر ٽرمپ اربع جمعي ڏينهن امريڪي ريڊيو کي انٽرويو ڏيندي چيو ته هو چاهي ٿو ته يوڪرين ايندڙ خميس تائين امريڪا جو امن معاهدو قبول ڪري.
صدر ٽرمپ چيو ته وٽس ڪيتريون ئي ڊيڊلائينون هيون پر جيڪڏهن شيون صحيح طرح هلي رهيون هونديون ته ڊيڊلائين ۾ واڌ ڪري سگھن ٿا پر سندس خيال ۾ امن معاهدو قبول ڪرڻ لاءِ خيميس جو ڏينهن مناسب آهي.
ٻئي پاسي يوڪرين جي صدر والاديمير زيلنڪسي خدشو ظاهر ڪيو ته اميرڪا جي امن منصوبي جي منظوري نه ڏيڻ تي يوڪري پنهنجي آزادي، وقار يا واشنگٽن جي حمايت وڃائي سگھي ٿو.
هن چيو ته منصوبو روس جي اهم مطالبن جي حمايت ڪري ٿو، ان بابت سوچڻو پوندو، هي هفتو ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.
يوڪريني صدر ان ڏکئي وقت ۾ سموري قوم کي متحد ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي……..
- Advertisement -
