تازه ترين

قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي مجموعي طور تي 13 تڪن تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ نون ميدان ماري ورتو آهي.

- Advertisement -
قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي مجموعي طور تي 13 تڪن تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ نون ميدان ماري ورتو آهي. پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جي 5 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 7 خالي تڪن تي آچر ڏينهن ٿيل ننڍي چونڊ جا نتيجا سڄي رات اچڻ جو سلسلو جاري رهيا. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 13 خالي تڪن تي ن ليگ جي اميدوارن کي واضع برتري حاصل آهي جڏهن ته ٻئي پاسي سندس مقابلي ۾ آزاد اميدوار هئا. خيبرپختونخوا جي ضلعي هريپور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 18 تي به مسلم ليگ نون آزاد اميدوار کي هارائي فتح پنهنجي نالي ڪئي. قومي اسيمبلي جي ڇهن تڪن تي ننڍي چونڊ ۾ ن ليگي اميدوار ڪامياب ٿيا جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي 7 مان 6 تڪ ن ليگ جي نانءُ رهيا، هڪ سيٽ تي پيپلزپارٽي کي ڪاميابي ملي سگھي. رپورٽ موجب هريپور، لاهور، فيصل آباد، ساهيوال، ڊيره غازي خان، سرگوڌا، ميانوالي ۽ مظفر آباد ۾ ووٽرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
9 %
1.2kmh
0 %
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون