تازه ترين

امريڪي رياست واشنگٽن ۾ وائيٽ هائوس ڀرسان فائرنگ ۾ نيشنل گارڊز جا 2 اهلڪار سخت زخمي

- Advertisement -
امريڪي رياست واشنگٽن ۾ وائيٽ هائوس ڀرسان فائرنگ ۾ نيشنل گارڊز جا 2 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، فائرنگ ڪندڙ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته حملي آور افغان شهري آهي. امريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته وائيٽ هائوس ڀرسان هڪ شخص نيشنل گارڊز جي اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب، فائرنگ جي واقعي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري فائرنگ واري هنڌ پهتي،، فائرنگ سبب زخمي ٿيل ٻنهي اهلڪارن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. امريڪي عملدارن موجب، شڪي شخص جي سڃاڻپ 29 سالن جي افغان شهري رحمان الله لڪنوال طور ٿي، جيڪو 2021 ۾ امريڪا آيو هو. ٻئي پاسي وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي کانپوءِ وائيٽ هائوس کي عارضي طور بند ڪيو ويو، واقعي واري هنڌ کي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي. امريڪي هوم لينڊ سڪيورٽي جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته هون قانون لاڳو ڪندڙادارن سان گڏجي ڄاڻ گڏ ڪري رهيا آهن……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
12 %
2.3kmh
0 %
خميس
13 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
15 °
آچر
16 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون