- Advertisement -
سنڌ پوليس ۾ ايس ايس پي سطح تي مقرريون ۽ بدليون ٿيون آهن جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي امجد شيخ اي وي ايل سي مان بدلي ڪري ايس ايس پي ڪياماڙي مقرر ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، خيرپور ۽ قمبر- شهدادڪوٽ جا ايس ايس پيز به تبديل ڪيا ڪيا آهن، سميع الله سومرو ايس ايس پي خيرپور ۽ حسن سردار خان ايس ايس پي قمبر- شهدادڪوٽ مقرر ڪيو ويو.
ان کان علاوه ساجد سدوزئي کي شاهد حيات پوليس ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر محمد عمران خان سپرنٽنڊنٽ پوليس ، اسپيشلائزڊ انويسٽيگيشن يونٽ ڪراچي رينج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي………
- Advertisement -
