تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

اهل ۽ تعليم يافته مقامي نوجوانن کي نوڪريون فراهم ڪيون وڃن: پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجو

- Advertisement -
سانگهڙ ۾ قائم سماجي ويلفيئر ڪميٽي آئل اينڊ گيس جي چيئرمين ۽ پ پ ايم اين اي علاءُ الدين جوڻيجي، پي پي ايل، يو اي پي ۽ او جي ڊي سي ايل جي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهل ۽ تعليم يافته مقامي نوجوانن سان گڏ نان اسڪل پوسٽن تي به مقامي ماڻهن کي نوڪريون فراهم ڪيون وڃن. سانگهڙ ضلعي ۾ قائم سماجي ويلفيئر ڪميٽي آئل اينڊ گيس جو اجلاس ڪميٽي چيئرمين ۽ ايم اين اي علاءُالدين جوڻيجي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن، مقامي انتظاميا ۽ تيل توڙي گيس ڪمپنين جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران علائقي ۾ جاري سماجي ۽ ترقياتي منصوبن، عوامي ڀائي جي ڪمن ۽ ڪميونٽي سپورٽ پروگرامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايم اين اي علاؤالدين جوڻيجو چيو ته سڀئي ٽائون ۽ يونين ڪائونسلن جا چيئرمين به ويلفيئر ڪميٽي جا ميمبر آهن، انهن کي گهرجي ته پنهنجن علائقن مان صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن بابت پنهنجون اسڪيمون جمع ڪرائن سڀني ميمبرن کي گڏ کڻي هلندا. هن سڀني آئل اينڊ گيس ڪمپنين جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ملازمن جي ڊيٽا شيئر ڪن ته جيئن مقامي ماڻهن کي ملازمت سان گڏوگڏ بنيادي سهولتون مهيا ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ ويلفيئر ڪميٽي جي چيئرمين پي پي ايل، يو اي پي ۽ او جي ڊي سي ايل جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهل ۽ تعليم يافته مقامي نوجوانن سان گڏ نان اسڪل پوسٽن تي به مقامي ماڻهن کي نوڪريون فراهم ڪيون وڃن. ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد چيو ته سڀني آئل اينڊ گيس ڪمپنين کي گهرجي ته هو انٽر شپ پروگرام شروع ڪري مقامي نوجوانن کي تربيت ڏين ۽ کين نار ملڪن ڏانهن موڪلين، جنهن سان قومي خزاني تي مثبت اثر پوندا. اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سيد رياض حسين شاهه خراساني، ٽنڊو آدم ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين چاچا غلام مرتضيٰٰ جوڻيجو، ٽائون چيئرمين راڻا راشد، راڻا حاجي انور، گل محمد ڏاھري ۽ ڀاون داس سميت يونين ڪائونسلن جا چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پڻ شريڪ ٿيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
8 %
6.3kmh
60 %
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون