- Advertisement -
سنڌ جي آبپاشي ۽ منصوبابندي واري وزير ڄام خان شورو سان سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريسپانس پروجيڪٽ ۽ ايڊوانسڊ انٽيگريٽيڊ ٽول جي ماهرن ملاقات ڪئي.
وفد ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جاويد ميمڻ، سينيئر واٽر مينيجمينٽ اسپيشلسٽ زاهد شيخ، اي آءِ ٽي جو ٽيم ليڊر وليم وين ڊيرسن، ڊپٽي ٽيم ليڊر فرقان شيخ، سينيئر واٽر ريسورسز ايڪسپرٽ ڊاڪٽر احمد گل ۽ ٻيا ماهر شامل هئا.
ملاقات دوران صوبي ۾ پاڻي جي بهتر انتظام لاءِ ڊسيزن سپورٽ سسٽم جي ڪارڪردگي ۽ موجوده صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
ماهرن صوبائي وزير ڄام خان شورو کي سسٽم جون جديد خاصيتون، فيصلا سازي ۾ مددگار ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽا تجزيي جي طريقن بابت تفصيل سان آگاهي ڏني.
ملاقات ۾ ٻوڏ جي حالتن دوران ڊيٽا مينيجمينٽ، حڪمت عملي جي تياري ۽ وقت تي فيصلا ڪرڻ ۾ هن سسٽم جي اهميت تي پڻ روشني وڌي وئي.
صوبائي وزير کي سنڌو درياهه جي رائيٽ بئنڪ تي ٿيندڙ خاص اسٽڊيز ۽ ايس ايف اِي آر پي فیز 2 جي ايندڙ منصوبي بابت پڻ آگاهي ڏني وئي.
ان موقعي تي ڄام خان شورو چيو ته جديد ڊجيٽل سسٽم ۽ عالمي ماهرن جي رهنمائي سان سنڌ ۾ پاڻي جي انتظام کي وڌيڪ فائديمند ۽ محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.
صوبائي وزير لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريسپانس پروجيڪٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ريسپانس سسٽم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل تجويزن تي جلد عمل ڪيو وڃي.
ڄام خان شورو چيو ته هن جديد سسٽم جي مدد سان پاڻي جي انتظام کي سائنسي بنيادن تي نئين سطح تي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو.- Advertisement -
