- Advertisement -
سعودي عرب جي شهر ينبع ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترين ئي عمارتن جون ڇتيون ڪِري پيون، ڪيتريون ئي گاڏيون ملبي هيٺان دٻجي تباهه ٿي ويون.
سعودي عرب جي ينبع شهر ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي، برسات سبب شهري ۽ هيٺانهين وارا علائقي پاڻي هيٺ اچي ويا.
جڏهن ته شاپنگ سيڻترن ۽ گهرن جي ڇتين کي نقصان پهتو آهي، جن ۾ ملبي هيٺان دٻجي ڪيتريون ئي گاڏيون به تباهه ٿي ويون.
شهري بچاءَ واري کاتي ملڪي ۽ پرڏيهين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
مدينه منوره ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو، برسات سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو.
مدينه منوره ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گجگوڙن ۽ کنوڻ سان گڏ طوفاني برسات ٿي جنهن سبب هيٺانهين وارا علائقي پاڻي هيٺ اچي ويا.- Advertisement -
