تازه ترين

سکر جي عدالت ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

- Advertisement -
سکر جي عدالت ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ ورڪس اينڊ سروس ڊپارٽمينٽ پراونشنل هاءِ وي سکر جي سب انجنيئر غلام شبير ڪلوڙ جي پروموشن بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. وڪيل مرتضيٰ ڪورائي چيو ته عدالت سب انجنيئر غلام شبير ڪلوڙ جي پروموشن بابت درخواست کي مهيني اندر اڪلائڻ جو حڪم ڏنو آهي ان تي عمل ناهي ڪيو ويو. عدالت طرفان لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کان حڪمن تي عمل نه ٿيڻ بابت پڇاڻو ڪيو ويو. عدالت ناراضگي جو اظهار ڪندي پيش نه ٿيڻ تي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري کي 13 جنوري تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
55 %
4kmh
89 %
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون