تازه ترين

وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ “ٽرمپ گولڊ ڪارڊ” جاري ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ “ٽرمپ گولڊ ڪارڊ” جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ان منصوبي تي هو تمام گھڻو پرجوش آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته امريڪا ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ دنيا جي قيادت ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ تيزي سان معاشي مضبوطي طرف وڌي رهيو آهي. صدر ٽرمپ چيو ته صرف هڪ سال اڳ امريڪا کي ڏيوالو نڪتل ملڪ ڪوٺيو ويندو هو پر اڄ امريڪا ۾ا ربين ڊالرز جي سيڙپڪاري اچي رهي آهي. هن دعوى ڪئي ته امريڪا هن وقت دنيا جو پرڪشش ترين ملڪ بڻجي چڪو آهي جتي عالمي سيڙپڪار اعتماد سان سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن. ٽرمپ ٻڌايو ته امريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي جڏهن ته ملڪ ۾ 18 ٽريلين ڊالرز جي سيڙپڪاري اچي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن هن اقتدار سنڀاليو ته مهانگائي عروج تي هئي پر سندس انتظاميا تيل ۽ گيس جون قيمتون گھٽايون ۽ مهانگائي جي دٻاءَ ۾ نمايان گھٽتائي آندي. صحت جي شعبي تي ڳالهائيندي صدر ٽرمپ اوباما ڪيئر کي فراڊ قرار ڏيندي چيو ته سندس حڪومت بي ضابطگين ۽ غلط پاليسين جي خاتمي لاءِ عملي قدم کنيا آهن. يوڪرين معاملي تي امريڪي صدر واضع ڪيو ته امريڪا هاڻي يوڪرين کي فنڊ نه پيو ڪري پر يورپي ملڪ پنهنجي دفاع لاءِ امريڪا کان ميزائل خريد ڪري رهيا آهن. ٽرمپ يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي کي مشورو ڏنو ته هو حقيقت پسند ٿئي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائي ڇاڪاڻ ته يوڪريني عوام اليڪشن ۽ ڪرپشن جو خاتمي جو خواهشمند آهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
55 %
4kmh
89 %
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون